هاسو سوڍو

هاسو سوڍو : سنڌ جي بهادر ڪردارن ۾ هاسو سوڍو، پنهنجي سورهيائي، وطن دوستي ۽ دوستن تان سر گهورڻ وارن بي ڊپن انسانن مان هڪ ناميارو سورهيه ٿي گذريو آهي. هاسو سوڍو، سنڌ جي محب وطن حاڪم دودي سومري جو پڳ مٽ يار هو. جڏهن دهليءَ جي حاڪم علاوالدين خلجيءَ، چنيسر جي چوڻ تي سنڌ تي ڪاهه ڪري، دودي سومري جي مٿان جنگ مسلط ڪئي، ان وقت هاسو سوڍو، ضلعي عمرڪوٽ جي شهر ڇور کان 5 ڪلوميٽر اولهه طرف هڪ ڳوٺ ۾ رهندو هو. روايت آهي ته سندس جنم پڻ ان ئي ڳوٺ ۾ ٿيو هو. اهو ڳوٺ پوءِ اڳتي هلي سندس نالي پٺيان ’هاسي سر‘ سڏجڻ لڳو هو، جتي انگريز دور ۾ ريلوي اسٽيشن قائم ڪئي وئي هئي، جيڪا اڄ به سندس ئي نالي سان منسوب آهي. هاسو سوڍو پنهنجي راڄ ڀاڳ وارو شخص هو، ٿر واري علائقي ۾ سوڍا اڪثريت ۾ رهندا هئا، جيڪي اثر رسوخ وارا هوندا هئا. ٿر ۽ عمرڪوٽ واري علائقي ۾ سومرن کانپوءِ واري دور ۾ سوڍن جي حڪومت پڻ رهي آهي. دودي خلاف سندس ڀاءُ چنيسر جي چرچ تي جڏهن دهليءَ جون فوجون لاڙ خطي ۾ پهچي چڪيون هيون، ان وقت هاسو سوڍو، پنهنجي شاديءَ جي رات، سماجي رسمن هيٺ ڪنوار سان پلئه ٻَڌي، ويڏيءَ جا ڦيرا ڏئي رهيو هو ته اوچتو کيس ڪنهن ماڻهوءَ رڙ ڪري چيو: ”اي هاسا! تنهنجي دوست دودي سومري تي دهليءَ جو بادشاهه فوج وٺي ڪاهه ڪري آيو آهي ۽ تون هتي ويٺو سهاڳ رات ماڻڻ جون تياريون ڪرين!“ هاسو سوڍو، سنڌ جو سچو سپوت ۽ دودي جو دلي دوست هو، مٿس دودي تي دشمن جي حملي واري خبر وِڄ وانگر ڪڙڪي پئي ۽ هاسي سوڍي، ڌرتي ماءُ سان ازلي محبت جو ڀرم رکڻ لاءِ بنا ڪنهن سوچ ويچار جي، ويڏيءَ جا ڦيرا اڌ ۾ ڇڏي، ڪنوار سان ٻَڌل پلوَن کي تلوار سان ڪٽي، پنهنجي ونيءَ ’مالهان‘ کي مِٺي ڏئي چيو: ”پياري! جيئرو موٽيس ته ملنداسين، نه ته گهوري جان سنڌ ۽ دودي تان!“ ائين چئي پوءِ، هاسو سوڍو رات جي پيٽ ۾ پنهنجي بهادر ساٿين جو وڏو سٿ وٺي وڃي جنگ جي ميدان تي پنهنجي دلي دوست دودي سومري سان مليو ۽ وڏي بهادريءَ سان دهليءَ جي فوجين جو مقابلو ڪندي پنهنجو سِر گهوري ڇڏيائين. هاسي سوڍي جي نالي سان قائم ڳوٺ ’هاسيسر‘ جي لڳولڳ ’انڙآباد‘ ۾ سنڌ جو قومي دانشور ۽ سياستدان عبدالواحد آريسر رهندو آهي.


لفظ هاسو سوڍوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو